پاڪستان مساوات پارٽي

پاڪستان مساوات پارٽي: هن پارٽيءَ جو بنياد محمد حنيف رامي، 31 آگسٽ 1978ع تي لاهور ۾ وڌو ۽ ان ئي ڏينهن، هن پارٽيءَ جي دستور ۽ منشور جو اعلان ڪيو ويو. پارٽي آئندي جي پروگرامن طور جيڪي مقصد واضح ڪيا، تن ۾: (1) اسلام، (2) اقتصادي مساوات ۽ (3) سياسي آزادي شامل هئا. انهن مقصدن جي تڪميل لاءِ پارٽيءَ جي منشور ۾ جن مسئلن جي وضاحت ڪئي وئي، تن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) پاڪستان کي ان لائق بنايو وڃي، جو هي ملڪ پنهنجن ادارن کي اسلام جي انهن اصولن مطابق منظم ڪري، جيڪي قرآن پاڪ ۾ درج آهن ۽ جن کي نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم حقيقت جو لباس پهرايو، (2) پاڪستان جي هر شهريءَ کي مساوي اقتصادي حق ڏيارڻ لاءِ اهڙو اقتصادي انقلاب برپا ڪرڻ، جنهن جو بنياد ان اصول تي ٻڌل هجي، جنهن موجب هر ماڻهوءَ کان سندس صلاحيت مطابق ڪم ورتو وڃي ۽ ڪم جي حساب سان اجرت ڏني وڃي. (3) پاڪستان جي هر صوبي کي اهو حق ڏيڻ ته اُهو وفاقي پاڪستان جي استحڪام ۽ سالميت کي آڏو رکي، پنهنجا معاملا خودمختياريءَ سان حل ڪري سگهي. پارٽيءَ جي منشور ۾ واضح ڪيو ويو ته پاڪستان جي نظريي مطابق هلبو، پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪبو ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ان تصور سان وفاداري ڪبي ته جيئن پاڪستان ۾ ڪا به مذهبي انتهاپسند حڪومت قائم نه ٿيندي. هيءَ هڪ جمهوري رياست هوندي. پاڪستان جي آزادي، حاڪميت ۽ جاگرافيائي سالميت جي حفاظت ڪئي ويندي. هر سطح تي سٺي طريقي سان اقتدار عوام ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. اهڙن طور طريقن جو خاتمو آندو ويندو، جن جي ڪري انسان، انسان جو، طبقو، طبقي جو ۽ علائقو، علائقي جو استحصال ڪري. قوميت جو استحڪام، وفاق جي اصول پٽاندر ڪيو ويندو. اقتصادي انقلاب آڻي جاگيرداري ۽ وڏيراشاهيءَ جو خاتمو آندو ويندو، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ فرق کي گهٽايو ويندو. صنعتن کي ترقي ڏياري ويندي ۽ صنعتن لڳائڻ جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي. آزاد خارجه پاليسي اختيار ڪئي ويندي ۽ هر طبقي جي مفاد جو خيال ڪيو ويندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو